شاهجهان نامه

شاهجهان نامه (عمل صالح): هن ڪتاب جو لکندڙ محمد صالح ڪمبوه، لاهور جو رهاڪو هو. پاڻ مغل شاهي درٻار ۾ ملازم هو. ان ڪري هن کي متعلقه دور جي گهڻي ڄاڻ هئي. ان پس منظر ۾ پاڻ هي ڪتاب لکيائين.
شاهجهاني دور تي لکيل ‘عمل صالح’ ڪتاب ۾ مغل دور تي تاريخي مواد شامل آهي. خاص ڪري هن دور تي ‘عمل صالح’ هڪ اهم معلوماتي ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آهي. پهرئين جلد ۾ بابر، همايون، اڪبر ۽ جهانگير جي ذڪر بعد شاهجهان جي ولادت جو بيان به ملي ٿو. هن جلد ۾ شاهجهان جي ڇهن سالن جي بادشاهيءَ جو احوال پڻ لکيو ويو آهي. ٻيون جلد هن عظيم بادشاهه جي ويهن سالن جي حڪومتي دور بابت لکيو ويو آهي. ٽيون جلد بادشاهه جي وفات تي ختم ٿئي ٿو. هن جلد جي آخر ۾ شاهجهاني دور جي اهم عالمن، صوفين، شاعرن ۽ اميرن متعلق به ڄاڻ ڏي ٿو. ان کان سواءِ شهزادن، اميرن ۽ فوجي عملدارن جي لسٽ به، محمد صالح پنهنجي هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي. غلام يزداني جهڙي معتبر عالم جي نگرانيءَ ۾ ‘عمل صالح’ اصل فارسي ڪتاب، 1923ع ۽ 1927ع ۾ ڪلڪتي مان ڇپيو هو. مرڪزي اردو بورڊ لاهور هن ڪتاب جو اردو ترجمو، جلد اول سال 1971ع ۾، ۽ ٻيون ٽيون جلد (گڏيل)، سال 1974ع ۾ شايع ڪيو آهي. مترجم ڊاڪٽر ناظر حسين زيدي، وڏي محنت سان هي ترجمو ڪيو، ۽ پهرئين جلد جي مهڙ ۾ ڪتاب جو جامع تعارف ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو